Wednesday , April 2 2025

نااهل شخص سرڪاري اجلاسن ۾ ڇو ٿو ويهي؟ ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي

لاهور(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ۽ نااهل قرار ڏنل جهانگير ترين جي سرڪاري اجلاسن ۾ شرڪت خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، عدالت اهڙي درخواست شنوائي لاءِ منظور ڪري ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جو جسٽس عزيز شيخ سڀاڻي جمعي ڏينهن درخواست تي شنوائي ڪندو. جهانگير ترين جي نااهل ٿيڻ باوجود وفاقي حڪومت جي ٿيندڙ سرڪاري اجلاسن ۾ شرڪت ڪرڻ خلاف لاهور جي هڪ وڪيل چوڌري شعيب سليم درخواست داخل ڪرائي هئي. جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته، جهانگير ترين کي عدالت نااهل قرار ڏئي چڪي آهي ۽ ان فيصلي خلاف سندس نظرثاني واري درخواست پڻ سپريم ڪورٽ رد ڪندي اڳ وارو فيصلو برقرار رکيو هو. درخواستگذار موجب جهانگير ترين نااهل شخص آهي ان باوجود سرڪاري اجلاسن ۾ شريڪ ٿي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرورت آهي: آرمي چيف

ڪيسيتائين گورننس جي خامين کي پاڪ فوج ۽ شهيدن جي خون سان ڀريندا رهنداسين، عالمن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *