ڪراچي (رپورتر سنڌسماءَچار) ڪراچي جي چڪرا ڳوٺ جي هڪ گهر اندر اوڍتو گئس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاڦي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 گهر ڀاتي فوت ۽ 2 گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا. گهر اندر گئس سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهر ڌياڻي اسماءَ ۽ 12 ورهين جو نينگر حسنين ٿڏي تي فوت ٿي ويا. ڌماڪي سبب ٻارڙن سميت 3 ڄڻا زخمي به ٿي پيا، اطلاع تي پوليس ۽ علائقي واسين پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٿيو، معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.
Check Also
شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي
ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …