نوشهرو فيروز (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) دريا خان مري شهر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پرائمري استاد مارجي ويو، اطلاع تي سندس وارثن ۽ پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني سبب پيش آيو آهي. دريا خان مري شهر ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻن اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پرائمري استاد ننگر وڳڻ زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ تي وارثن ۽ پوليس پهچي زخمي کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو، جتي هُو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول استاد جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن برادري جي ماڻهن سان زمين جي معاملي تان تڪرار هلندڙ آهي، جن استاد کي قتل ڪيو آهي، سندن خلاف قتل ڪيس داخل ڪرايو ويندو.
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …