خواهش آهي ته پنجاب ۾ گرفتار ٿي صوبي ۾ سياسي فائدو حاصل ڪيان: اڳوڻو صدر آصف زرداري

ڪراچي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته، جعلي بئنڪ اڪائونٽس واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن گرفتار ٿيس ته پنجاب ۾ فائدو ٿيندو، هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته، اين آر او وٺڻ جو ڪو به معاملو نه آهي، عمران خان کي ڳالهائڻ جو شوق آهي، ملڪ ۾ غير يقيني يا امن امان جي صورتحال جي ذميواري گهرو وزير تي آهي ۽ گهرو وزارت جو قلمدان وزيراعظم وٽ آهي موجوده حالتن جو جواب به ان کي ئي ڏيڻو آهي، جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي رقمن جي منتقلي جي ذميواري لاڳاپيل بئنڪن تي لاڳو ٿئي ٿي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اين آر او جو معاملو ڪجهه به ناهي، وزيراعظم کي ڳالهائڻ جي عادت پئجي وئي آهي،اسان عمران خان کي  چئون ٿا ته ملڪ جو چيف ايگزيڪٽو ٿي وڃي ۽ اپوزيشن اسان کي ڪرڻ ڏئي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر جعلي بئنڪ اڪائونٽس واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪندي چيو ته جيڪڏهن گرفتار ٿيس پنجاب ۾ سياسي فائدو ٿيندو. آصف زرداري چيو ته اين آر او وٺڻ جو ڪو به معاملو نه آهي، عمران خان کي ڳالهائڻ جو شوق آهي، ملڪ ۾ غير يقيني يا امن امان جي صورتحال جي ذميواري گهرو وزير تي آهي ۽ گهرو وزارت جو قلمدان وزيراعظم وٽ آهي. هن چيو ته اڳ ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي ته وزير اعظم گهرو وزارت جو قلمدان پاڻ وٽ رکيو هجي. هن چيو ته وزيراعظم کي ئي  موجوده حالتن جو جواب به ڏيڻو آهي. هن چيو ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي رقم جي منتقلي جي ذميواري لاڳاپيل بئنڪن تي لاڳو ٿئي ٿي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *