مولاناسميع الحق کي گهر اندر ڇرين جا وار ڪري شهيد ڪيو ويو

راولپنڊي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) جي يو آءِ (س) جي سربراهه مولانا سميع الحق کي گهر اندر ڇرين جا وار ڪري شهيد ڪيو ويو آهي. سميع الحق جي پٽ مولانا حامدالحق چيو آهي ته، بابا کي گهر اندر ڇرين جا وار ڪري شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته گهريلو ملازم ۽ گارڊ ٻاهر ويل هئا ته عصر ۽ مغرب جي نماز جي وچ واري وقت دوران بيڊ تي ئي مٿس ڇرين جا وار ليا ويا. ملازم آيا.ته بابا رت ۾ ٻڏل هو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي، سندس شهادت جي.تصديق ڪئي وئي. مولانا سميع الحق جو مڙھ سندس اباڻي ڳوٺ اڪوڙه خٽڪ نيون پيو وڃي، جتي سڀاڻي 2 وڳي جنازي نماز ادا ڪئي ويندي. ٻي طرف ميڊيا رپورٽس پاران ذريعن جي حوالي دعويٰ ڪئي آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميع الحق جي بورچي ۽ هڪ گارڊ کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

About

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *