ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي جي پوليس جي مختلف مدن ۾ ملندڙ فنڊز ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشڻ جو انڪشاف ٿيڻ بعد، اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ پاران، پوليس46 ڪروڙ 79 لک رُپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيڻ بعد اينٽي ڪرپشن پاران 16 عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ اينڊ انڪوائريز کاتي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي پوليس ۾ 46 ڪروڙ 79 لک رُپين جي ڪرپشن ٿي آهي. اينٽي ڪرپشن رپورٽ ۾ ڪرپشن ڪرڻ تي ايس ايس پي آفيس جي 7 عملدارن ۽ 3 اڳوڻن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسرن تي ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اينٽي ڪرپشن پاران نيشنل بينڪ جي مئنيجر سميت 6 عملدارن کي به ڪرپشن ۾ سهولتڪار هجڻ تي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اينٽي ڪرپشن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته بجلي جي بلن، ڊفرنس بلن، پيٽرول ۽ ٻين مدن ۾ جعلي بلن ذريعي ڪرپشن ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايس ايس پي آفيس جي اختيارين ٽريزري ۽ بينڪ آفيسرن سان گڏجي جعلي بلن ذريعي ڪرپشن ڪئي.
Check Also
شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي
ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …