خواجا سعد رفيق جو ويجهو ساٿي سلطاني شاهد ٿيڻ لاءِ راضي ٿي ويو

   خواجا سعد رفيق         –        قيصر امين بٽ

لاهور(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ)  ڪرپشن ڪيسن کي منهن ڏيندڙ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق جو ويجهو ساٿي قيصر امين بٽ سلطاني شاهد ٿيڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي، نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته قيصر امين پلي بارگين نه پر سلطاني شاهد ٿيڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي، جنهن تي قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. پيراگان اسڪينڊل ۾ گرفتار جوابدار قيصر امين بٽ سلطاني شاهد بڻجڻ لاءِ تيار ٿي ويو، نيب ترجمان چيو آهي ته قيصر امين بٽ سلطاني شاهد بڻجڻ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي. نيب ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته  قيصر امين بٽ جي  درخواست جو قانون مطابق جائزو وٺي رهيا آهيون. ترجمان وضاحتي بيان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته قيصر امين بٽ پلي بارگين جي ڪابه درخواست نه ڏني آهي،ان سلسلي ۾ تصديق کانپوءِ خبرون هلايون وڃن. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ  قيصر امين بٽ کي ڪوٽڏيجي ۾ صنعتڪار مبين جماڻي جي بنگلي تان گرفتار ڪيو ويو هو.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *