

اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) مخالف سياسي پارٽين خلاف انتهائي سخت لهجي ۾ ڳالهائيندڙ وفاقي وزير فواد چوڌري جي وزارت خطري ۾ پئجي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي سينئر قيادت فواد چوڌري کي هدايت ڪئي آهي ته هُو پنهنجو لهجو سڌو ڪري يا وزارت تان استعيفيٰ ڏئي. سنڌسماءَچار کي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، تحريڪ انصاف فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ لاءِ قانون سازي واري معاملي تي گهڻين ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، پيپلز پارٽي پارٽي ۽ نون ليگ پاران چٽي طرح سان مخالفت کانپوءِ پي ٽي آءِ جي قيادت کي پيغام پهچايو ويو آهي ته، اپوزيشن جون پارٽيون اوهان جي غير ضروري سخت رويي جيڪري حڪومت جي ڪنهن به عمل جي حمايت ڪرڻ جي موڊ ۾ نه آهن ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي به پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ کتو جواب ڏئي رهيون آهن، جنهن سان هي معاملو هٿن مان نڪري سگهي ٿو يا وري سخت تنقيد جي ورچڙهي تڪراري بڻجي ويندو.


سنڌسماءَچار