حيدرآباد پبلڪ اسڪول ۾ ڪرپشن، 3 ڄڻا گرفتار
حيدرآباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) اينٽي ڪرپشن ڪارروائي ڪري حيدرآباد پبلڪ اسڪول جي شاگاردن کان فيس جي مد ۾ وصول ڪيل رقم هڙپ ڪرڻ جي الزام هيٺ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته، جوابدار گل محمد چانڊيو، انعام ڀٽي ۽ فرحان لوڌي شاگردن جي فيس ۾ گهوٻيون هڻي پئسا هڙپ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جي جاچ دوران ثبوت ملڻ تي ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو آهي. اينٽي ڪرپشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ذاڪر سمون جو چوڻ آهي ته جوابدارن شاگردن جي فيسن جا پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائڻ کانسواءِ هڙپ ڪيا ويا. اينٽي ڪرپشن عملي موجب جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.