ڪوٽڙي (سنڌسماءَچار نيوز) ڪوٽڙي ۾ ناري سان لڄالٽ ڪرڻ بعد کي بيرحمي سان قتل ڪندڙ جوابدار پاران ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ باوجود پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان ڪن لاٽار ڪرڻ ۾ پوري آهي. ڪوٽري پوليس طرفان گونگي ناريءَ کي بدترين تشدد بعد گهٽا ڏئي قتل ڪندڙ جوابدار عبدالرحمان شيخ شيرين بروهيءَ جي لڄ لُٽڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. پوليس موجب پُڇاڳاڇا دوران جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هُن گونگي ناريءَ سان لڄالٽ ڪئي ۽ مزاحمت ڪرڻ تي کيس بدترين تشدد جو نشانو بڻايو. اعترافي بيان ۾ جوابدار وڌيڪ چيو آهي ته، هن گونگي ناري کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد کيس گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار جي اعترافي بيان جي باوجود به ڪوٽڙي پوليس جوابدار خلاف ناري کي اغوا ڪري جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ، تشدد ڪرڻ ۽ کيس قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ کان ڪن لاٽار ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ ڪوٽڙي واسين جو چوڻ آهي ته جوابدار عبدالرحمان شيخ ڪوٽڙي جي انتهائي بااثر ماڻهن جو ووٽر ۽ سپورٽر آهي، انڪري پوليس انهي خوف ۾ ڪيس داخل نه پئي ڪري. شيرين بروهي جي جنازي نماز اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ ادا ڪرڻ کانپوءِ سندس مڙهه سوين آلين اکين سان ايراني پير قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي شيرين بروهيءَ جي بيرحماڻي قتل واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …