75ڪروڙن جي ڪرپشن، ڳهڻو خان جتوئي خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم

سکر(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي واسي بلڊر ۽ تيل جو ڪاروبار ڪندڙ ڳهڻو خان جتوئي خلاف 75 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪرپشن جي الزام هيٺ نيب پاران ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. احتساب عدالت ۾ بلڊر ڳهڻي خان جتوئي ۽ ٽي ايم او ڳڙهي ياسين عبدالرشيد ملڪ خلاف ڪرپشن معاملي جي ڪيس جي شنوائي ڪئي. عدالت ٻڌڻي بعد ڳهڻو خان جتوئي ۽ عبدالرشيد ملڪ خلاف 75 ڪروڙ رُپين جي ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. نيب اختيارين طرفان ٻنهي جوابدارن کي سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته جوابدارن خلاف ڪرپشن جي جاچ هلي رهي آهي.

About

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *