مهانگائي آهي ته ماڻهو ٻن بدران هڪ ماني کائن: خيبر پختونخوا اسيمبلي جو اسپيڪر

پشاور(سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيس) ”مهانگائي آهي ته، ماڻهو ٻن مانين بدران هڪ ماني کائن“، اهو چوڻ آهي خيبر پختونخوا اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ  جي اڳواڻ مشتاق غني جو. پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ مشتاق غني خيبر يونين آف جرنلسٽس جي هڪ تقريب دوران خطاب ڪندي مشتاق غني ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي ڳالهائيندي چيو ته، ” مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي حڪمت ۽ دانشمندي سان هلڻو پوندو، ماڻهن کي ٻن مانين بدران هڪ ماني تي گذارو ڪرڻ گهرجي“.  مشتاق غني جي اهڙي بيان تي کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به مٿس تنقيد ڪندي چيو آهي ته، پي ٽي آءِ ماڻهن جي وات مان گرهه کسي رهي آهي ۽ اها آهي هنن جي تبديلي ۽ نئون پاڪستان.

About

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *