حيدرآباد ۾ آرٽ ۽ آرٽسٽ جو قتل، جوابدار فرار

حيدرآباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) حيدر آباد ۾ بي رحم جوابدارن آرٽ ۽ آرٽسٽ کي لوهي شيخون هڻي بي رحمي سان مُئل سمجهي ڀڄي ويا، وارثن پهچي کيس اسپتال منتقل ڪيو، جتي هُو زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو. لطيف آباد جي امان شاهه ڪالونيءَ ۾ اڻسڄاتل جوابدارن آرٽسٽ اعجاز احمد کي لوهي شيخون هڻي کيس مُئل سمجهي فرار ٿي ويا. واقعي جي اطلاع ملڻ تي وارثن پهچي کيس اسپتال پهچايو، جتي علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو. آرٽسٽ اعجاز احمد جي ڀائٽيي مقصود علي جو چوڻ آهي ته، هٿياربندن جي حملي چاچي مون کي فون ڪري ٻڌايو، ان کانپوءِ پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ کيس اسپتال منتقل ڪرايو ته هو فوت ٿي ويو. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، وارثن طرفان ڪيس داخل ڪرائڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪنداسين.

About

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *