
فيض گنج (رپورٽر سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت سان گڏ قومي خوشحالي پروگرام تحت گهر – گهر وڃي سروي ڪرڻ لاءِ سماجي تنظيم عورت فائونڊيشن جي ملازمن کي اڪثر علائقن ۾ ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون جاري ناهن ڪيون ويون، پگهارون نه ملڻ خلاف فيض گنج ۾ ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي به ڪئي. فيض گنج ۾ وفاقي حڪومت جي تعاون سان قومي خوشحالي پروگرام گهر- گهر سروي ڪندڙ خانگي تنظيم جي ملازمن کي 4 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ظهير لاشاري، ممتاز چنو، فتح چند اوڏ، فقير اسد هيسباڻي ۽ محسن راڄپر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پڪاچانگ شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. فيض گنج ۾ وفاقي حڪومت جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تعاون سان قومي خوشحالي پروگرام گهر گهر سروي ڪندڙ خانگي تنظيم عورت فائونڊيشن جي 76 ملازمن کي گذريل 4 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف ملازمن وڏي انگ ۾ گڏ ٿي آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سنڌسماءَچار