ننگر پارڪر ۾ پٿر دل پٽ پير ٻڍڙي امڙ کي قتل ڪري ڇڏيو

مٺي(رپورٽ: ڀاواني راجا سنڌسماءَچار ) ننگرپارڪر جي خاصخيلي پاڙي ۾ پٿر دل پٽ ڪهاڙين جا وار ڪري پيرسن جيجل امڙ کي قتل ڪرڻ بعد طڀڄي ويو آهي، پوليس کيس گرفتار ناهي ڪري سگهي. خاصخيلي پاڙي ۾ جوابدار جمعو خاصخيلي ڪهاڙين جا وار ڪري ٻڍڙي ماءُ 70 وريهن جي مسمات زينب خاصخيلي کي قتل ڪرڻ بعد واقعي واري هنڌ تان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. اطالع ملڻ تي پوليس واقعي واري گهر پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد رات دير سان مڙهه وارثن جي حوالي ڪيو ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جوابدار ڏوهاري آهي، چوريون به ڪندو رهندو آهي، جوابدار چرس ۽ شراب جو به موالي آهي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ناهي سگهي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *