Wednesday , April 2 2025

ڊکڻ خوني تڪرار، ٻن معصوم نياڻين کان حياتي کسي ورتي

ڊکڻ: هٿياربند گهر تي حملو ڪري ٻن معصوم نينگرين کي قتل ڪرڻ کانپوءِ ڀڄي ويا

شڪارپور(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڊکڻ جي ڳڪوٺ الهه رکيو چانڊيو ۾ ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻن معصوم نياڻين کان حياتيون کسي ورتيون آهن، جوابدارن ڳوٺ الهه رکيو چانڊيو ۾ هبڪ گهر تي انڌادنڌ فائرنگ ڪري ٻن معصوم نياڻين ڏهن ورهين جي سونهن ڌيءُ حب علي چانڊيو ۽ سندس سئوٽ ست سالن جي جي مائره ڌيءُ شاهنواز چانڊيو ٿڏي تي مارجي ويون. ٻن معصوم نياڻين کي قتل ڪرڻ کانپوءِ جوابدار ڀڄي ويا. اطلاع ملڻ کانپوءِ ڊکڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ تعلقي اسپتال ڳڙهي ياسين پهچايا. مقتول نينگري سونهن جي پيءُ دانهيو ته ڪالهه رتيديري ۾ قتل ٿيل نياز چانڊيو جي ڪيس ۾ اسان کي بيگناهه ڦاسايو ويو. اڄ رتوديرو پوليس چڙهائي ڪئي ته گهر خالي ڪري وياسين ۽ شام جو واپس آياسين ته گهرن ٻاهران تاڙ ۾ ويٺل سڪندر چانڊيو ۽ ٻين هٿياربندن گهرن اندر فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جون معصوم نياڻيون مارجي ويون.

http://www.sindhsamaachar.com/ur/%d8%b3%d9%86%da%8c%da%99%d9%8a-%d9%88%d9%8a%d8%ac%d9%87%d9%88-%d9%87%d8%a7%d9%86%d8%a1%d9%8f-%da%8f%d8%a7%d8%b1%d9%8a%d9%86%d8%af%da%99-%d8%ad%d8%a7%d8%af%d8%ab%d9%88-%d9%bb%d9%86-%d8%b9%d9%88%d8%b1/

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *