نيب ڪمشنر لاڙڪاڻو کي نوٽيس، مختيارڪارن سميت 15 آڪٽوبر تي رڪارڊ سوڌو پيش ٿيڻ جي هدايت
سکر( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) نيب سکر ڪمشنر لاڙڪاڻو کي ڪال اپ نوٽيس جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته مختيارڪارن سميت 15 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو. نيب سکر پاران جاري ڪيل نوٽيس ۾ لاڙڪاڻي جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي وئي آهي ته، باقراڻي، رتوديرو، ڏوڪري، ڪنڌڪوٽ، سجاول، نصير آباد، قبو سعيد خان، وارهه، ميرو خان، ڪشمور، ٺل، خانپور، ڳڙهي ياسين ۽ ڳڙهي خيرو جي مختيارڪارن کي 15 آڪٽوبر تي نيب سکر ۾ زمينن جي رڪارڊ سميت پيش ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي. نيب جو چوڻ آهي ته نوٽيس ۾ ڄاڻايل سمورن مختيارڪارن خلاف زمينن جي سيل ڊيڊ، رڪارڊ جي تبديل سميت لاڳاپيل معاملن ۾ بي ضابطگيون ۽ رشوت خوري جون شڪايتون مليون آهن، جن بابت جاچ ڪرڻي آهي