Thursday , April 3 2025

سکر ۾ رهائشي عمارت کي باهه، چار ڄڻا سڙي فوت

رهائشي عمارت کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙن سميت چار ڄڻا سڙي فوت

سکر (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سکر جي غريب آباد واري علائقي ۾ چار ماڙ رهائشي عمارت کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙن سميت چار ڄڻا سڙي فوت ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو  ويو آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سڙي زخمين جي طبعيت ۾ اڃا تائين سڌارو اچي ناهي سگهيو. غريب آبا د ۾ هڪ رهائشي عامرت کي اڄ صبح جو يارهين وڳي ڌاري اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ محمد جاويد ولد محمد ريحان، محمد عليان ولد محمد جاويد، عمر ولد محمد جاويد ۽ حيدر علي شامل آهن، زخمين ۾ سهيل، اڪبري ذلي شاهه شامل آهن، شروعاتي رپورٽ موجب باهه کانپوءِ دونهين سبب ماڻهو فوت ٿيا، ٻڌايو پيو وڃي ته عمارت ۾ هيٺ قائم دڪانن کي باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *