Wednesday , April 2 2025
Breaking News

هلندڙ مهيني جي 19 ڏينهن دوران 2700 کان وڌيڪ ماڻهو ڪرونا ۾ مبتلا

سنڌ ۾ عيد تائين 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪرونا جي وبا سبب متاثر ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جي وبا تيزي سان پکڙجڻ لڳي، صرف مئي مهيني جي 19 ڏينهن دوران ملڪ ۾ 27 هزارن کان وڌيڪ ماڻهو ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، وائرس وگهي ماڻهن جي فوتگين ۾ به واڌ اچي رهي آهي، ان دوران ئي سپريم ڪورٽ به عيد جي شاپنگ لاءِ سمورا شاپنگ مالز کولڻ جي اجازت ڏئي چڪي آهي. پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي هيل تائين مجموعي  طور تي متاثرن جو انگ 45 هزار 100 کان وڌي ويو آهي. وائرس وگهي سنڌ ۾ 18 هزار 10، پنجاب ۾ 15 هزار 995، خيبرپختونخوا ۾ 6554، بلوچستان ۾ 2885، اسلام آباد ۾ 1034، گلگت بلتستان ۾ 551 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 115 ڄنا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، هيل تائين مجموعي طور تي يفوتين جو انگ 972 ٿي چڪو آهي. صحت جي شعبي سان لاڳاپيل ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي متاثرن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي، جيڪو عيد تائين 30 هزارن کان وڌي وڃڻ جو امڪان آهي، صحت جي ماهرن خدشو ڏيکاريو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران سنڌ اندر خاص طور تي ڪراچي شهر ۾ ڪرونا وگهي ماڻهن جي متاثر ۽ فوتگين  جو انگ تيزي سان وڌندو.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *