فيض گنج (رپورٽ: ضياءَ آرائين سنڌسماءَچار) فيض گنج جي معزز شخصيت ڊاڪٽر عبدالفتاح قريشي 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. فيض گنج تعلقي جي معزز شخصيت، سينئر ڊاڪٽر سماجي خدمتن ۾ اڳڀرو رهندڙ ڊاڪٽر عبدالفتاح قريشي لاڏاڻو ڪري ويو، ڊاڪٽر عبدالفتاح قريشي ڪيترن ئي ورهين کان شگر ۽ ڪئنسر جهڙن موذي بيمارين سان جهيڙيندي گذريل رات دم ڌڻي حوالي ڪيو. ڊاڪٽر مرحوم عبدالفتاح قريشي جي فرزند ڊاڪٽر اصلاح الدين قريشي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، سندس والد ڪافي عرصي کان ڪئنسر ۽ شگر جي بيمارين ۾ مبتلا هو، سندس مڙهه اڄ پڪاچانگ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ڊاڪٽر عبدالفتاح قريشي جي لاڏاڻي تي فيض گنج تعلقي ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آهي، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، ڪامريڊ مرتضيٰ شر، استاد سيال حيات، صدام چانگ، تصور باقي، صداقت ميمڻ، ارشاد لاشاري، ايڊووڪيٽ فيض شر، شاذ خادم ۽ ٻين ڊاڪٽر عبدالفتاح قريشي جي وڇوڙي تي ڊاڪٽر عبدالفتاح قريشي جي پوئنرن سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …