ڪنڌڪوٽ ۾ جيءُ جهوريندڙ حادثو زال، مڙس ٻن معصوم ٻارڙن سوڌو فوت

ڪنڌڪوٽ ( سنڌسماءَچار مان يٽرن نگ ڊيسڪ) شادي جي ڪاڄ تان واپس ايندڙ گهر ڀاتين سان جيءُ جهوريندڙ حادثو، ڪار جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار زال مڙس ٻن ٻارڙن سوڌو فوت. انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ زوردر ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 4 گهر ڀاتي فوت ٿي ويا، فوتين ۾ جلال ميراڻي سندس گهروارِي زينب خاتون، معصوم پٽ سليم ۽ ڌيءُ لالي ميراڻي شامل آهن، فوتين جا مڙهه اسپتال منتقل ڪري ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، فوتين جا مڙهه گهر پهچڻ تي روڄ راڙُ پئجي ويو.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *