ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي بااثر اڳواڻن آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جو من پسند وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ لاءِ رٿابندي شروع ڪري ڇڏي آهي، اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ويجهي دوست ۽ سنڌ هاير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر عاصم حسين، هڪ عورت ايم اين، سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري سطح جي هڪ بااثر عورت آفيسر پنهنجن من پسند ماڻهن کي وي سي ڪرائڻ لاءِ ڄار وڇائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق سنڌ حڪومت ايندڙ مھيني وي سي جي مقرري لاء طريقيڪار تي عمل شروع ڪندي جنھن لاء اخبارن ۾ اشتھار بي جاري ڪيو ويندو. ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ بي اي سکر جي وائيس وي سي به چانسلر نثار احمد صديقي جي لاڏاڻي کانپوءِ پيپلزپارٽي سنڌ جي ٻين يونيورسٽين جيان آءِ بي اي سکر جو وائيس چانسلر به پنهنجي مرضي جو مقرر ڪرڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق ٽي ڏينهن اڳ به وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ واري جي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب نثار صديقي صاحب جي لاڏاڻي سبب آءِ بي اي سکر جي خالي ٿيل وائيس چانسلر جي عھدي لاءِ ٽن نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، جن ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين جي گهر واري پروفيسر ڊاڪٽر ثمرين حسين جي مقرري لاءِ عاصم حسين اڳوڻي صدر آصف زرداري کان سنڌ حڪومت تي دٻاءُ وجهرائي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ شيخ اياز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر غلام رضا ڀٽيءَ جو ۽ ٽيون نالو خيرپور انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر علي مدد شاھ جو آھي ۔ پر ذريعن موجب ڊاڪٽر عاصم جو مڪمل زور سندس محترمه کي اتي آڻڻ تي آھي ۽ شايد ان ۾ ڪامياب ٿي وڃي
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …