ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 48 حياتيون کسي ورتيون، سنڌ۾ فوتين جو انگ وڌي ھڪ ھزار 795 ٿي ويو، ھڪ ھزار 713 نوان ڪيس ظاھر ٿيڻ بعد مريضن جو انگ ھڪ لک 5 ھزار 715ٿي ويو آهي. گذريل چوويھ ڪلاڪن دوران ڪراچي شھر ۾ 715، خيرپور ضلعي ۾ 172، لاڙڪاڻي ۾ 62، شڪارپور ۾ 59 ۽ مٽياري ۾ 55، ميرپورخاص ۾ 46، گهوٽڪي ۾ 41، سانگهڙ ۾ 35، دادو ۽ قمبر ۾ 32-32 جڏهن ته ٽنڊو محمد خان ۾ 31 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح ٺٽي ۾ 27، ڄامشورو ۾ 26، حيدرآباد ۾ 24، ٽنڊو الهيار ۾ 21، جيڪب آباد ۾ 19 ۽ بدين ۾ 18، ڪشمور ۾ 14، عمرڪوٽ ۾ 11، شهيد بينظير آباد ۾ 10، سکر ۽ نوشهروفيروز ۾ 7-7 ۽ سجاول ۾ ڪرونا جا وڌيڪ 2 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آھن. وڏي وزير مراد علي شاهه اعتراف ڪيو آهي ته صوبي۾ ڪرونا جون ٽيسٽ گھٽجي ويون آهن، جيڪا ڳالهه خطرناڪ آهي.
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …