جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي، مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي
ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) چوندا آهن ته جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي ۽ مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي، اهڙو ئي واقعو منظور ڪالوني واري ڪراچي جي منظور ڪالوني واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي رهائشي عمارت جي ٻي ماڙ تان مبينا ماءُ ۽ نانَي تازي ڄاول نياڻيءَ کي هيٺ اڇلائي ڇڏيو. ٻي ماڙ تان اڇلايل ٻارڙي زمين تي ڪري ته ڌرتي ماءُ کيس هنج وٺي ڇڏيو ۽ قدرت کي حياتي بخشي ڇڏي. هيٺ الايل اَبهَم نياڻي جِي اک کي معمولي نقصان پهتو، پوليس ٻارڙي جِي ماءُ نجمه ۽ نانَي ممتاز کوکر کي گرفتار ڪري ورتو، سرڪار جِي مدعيت ۾ ڪيس داخل، رمضان ڇيپا واقعي وارَي هنڌ پهچي ٻارڙي کي هنج ورتو، پريس ڪانفرنس دوران رمضان ڇيپا چيو ته هُو ٻارڙي جِي سار سنڀال ڪندا، پوليس موجب ناري ۽ سندس پيءُ ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، ويم ڪرائيندڙ خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.