پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي تي به مني لانڊرنگ جو الزام

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌ سماءَچار) اڳوڻي صدر آصف زرداري سميت پ پ جي مختلف اڳواڻن تي مني لانڊرنگ جي الزام کانپوءِ پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر ۽ وڏي وزير جو صلاحڪار نثار کهڙو به مني لانڊرنگ جي الزمن هيٺ اچي ويو آهي، نثار کهڙي سنڌ هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ حفاظتي ضمانت ڪرائي ورتي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ جي الزامن واري ڪيس ۾ نثار کهڙُ جي عارضي ضمانت ۾ 17 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. پ پ سبڌ جي صدر نثار کهڙي ضمانت واري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته، نيب طرفان خوراڪ کاتي جي اڳوڻي وزير جي حيثيت سان نوٽيس اُماڻيو ويو آهي، نيب آڏو پيش ٿيڻ گهران ٿو، پر ڀئو آهي ته گرفتار ڪيو ويندو، عدالت نثار کهڙو جي عبوري ضمانت منظور ڪرڻ بعد درخواستن جون نقل ڪاپيز نيب پراسيڪيوٽر کي مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

https://sindhsamaachar.com/ur/%d9%84%d9%85%d8%b3-%da%84%d8%a7%d9%85%d8%b4%d9%88%d8%b1%d9%88-%d8%ac%d9%8a-%d9%be%d8%b1%d9%88-%d9%88%d9%8a-%d8%b3%d9%8a-%d9%8a%d9%88%d9%86%d9%8a%d9%88%d8%b1%d8%b3%d9%bd%d9%8a-%db%be-%d8%a8%d8%a7%d8%af/

About

Check Also

گل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا انتظاميا جون نااهليون وائکيون ٿي ويون

گل پلازا سانحو حڪومتي ادارن مارڪيٽ جي انتظاميا سبب ٿيوگل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *