وفاقي حڪومت آمدني گهٽجڻ نه ڏني، سياري ۾ بجلي وڌيڪ مهانگي

بجلي مهانگي ٿيڻ هڪ اندازي مطابق پوڻان ٻه ارب رپيا اضافي عوام جي کيسن مان ڪڍيا ويندا

اسلام آباد(سنڌسماءَچار نيوز) وفاقي حڪومت سياري جي مند دوران پاور ڪمپنين ۽ واپڊا جي بلز جي مَد ۾ آمدني گهٽجڻ کان بچائڻ لاءِ عوام مٿان بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، نيپرا هڪ رپيو يارنهن پئسا في يونٽ مهانگو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيپرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي في يونٽ ۾ هڪ رپيو 11پئسا في يونٽ نومبر جي فيول ايڊجيسٽمينٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي آهي، جنهن جي اوڳاڙي ڊسمبر جي بجلي جي بلن کان شروع ڪئي ويندي. اندازي مطابق بجلي مهانگي ٿيڻ سان عوام کان پوڻان ٻه ارب رپيا هر مهيني اضافي عوام کان اوڳاڙيا ويندا. بجلي جو نئون وڌايل اگهه ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو نه ٿيندو.

https://sindhsamaachar.com/ur/%d9%84%d9%85%d8%b3-%da%84%d8%a7%d9%85%d8%b4%d9%88%d8%b1%d9%88-%db%be500-%da%a9%d8%a7%d9%86-%d9%88%da%8c%d9%8a%da%aa-%d9%85%d9%84%d8%a7%d8%b2%d9%85%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%d8%ba%d9%8a%d8%b1%d9%82%d8%a7/

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *