سنڌ حڪومت ڪتن پڪڙڻ لاءِ 24 ڪروڙ رپين جون گاڏيون خريد ڪندي

ڪراچي(چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ڪتا پڪڙي خصي ڪرڻ لاءِ 24 ڪروڙ رپين جون  گاڏيون خريد ڪندي، سنڌ ڪابينا فنڊز جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ مڪاني ادارن پاران صوبي ۾ ڪتا خصي ڪرڻ لاءِ گاڏيون خريد ڪرڻ جو پروپوزل پيش ڪيو، جنهن مطابق 24 ڪروڙ رپين جون گاڏيون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ جي جازت گهري وئي. سنڌ ڪابينا مڪاني ادارن جي گهُر منظور ڪري ڇڏي. صوبائي وزير ناصر شاهه تصديق ڪندي چيو آهي ته، ڪابينا مڪاني ادارن واري کاتي لاءِ 24 ڪروڙ رپين جو گاڏيون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته انهن گاڏين ذريعي ڪتا پڪڙي اسپتالن تائين پهچايا ويندا جتي انهن ڪتن کي خصي ڪيو ويندو.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *