Sunday , April 20 2025

يورپي پارليامينٽ پاران پاڪستان ۾ مذهب بابت الزامن تي ڳڻتي ظاهر، جِي ايس پي-پلس سسٽم تي نظرثاني ٿيندي

جِي ايس پي-پلس اسٽيٽس هجڻ سان پاڪستان کي يورپي يونين جي 27 ميمبر رياستن ۾ ڊيوٽي فري پهچ حاصل ڪري سگهڻ واري سهولت حاصل آهي

يورپي يونين لاءِ پاڪستان جي ايڪسپورٽ جِي ايس پي-پلس اسٽيٽس کان اڳ 2013 4 ارب 53 ڪروڙ 80 لک يورو هئو جيڪو 2019 تائين 65 سيڪڙو اضافي سان 7 ارب 49 ڪروڙ 20 لک يوروز ٿي ويو هو

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان لاءِ هڪ ٻي پريشاني، يورپي پارليامينٽ پاڪستان ۾ مذهب جي حوالي سان الزامن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي پاڪستان کي ڏنل جنرلائزڊ سسٽم آف پرفرنز-پلس ( جي ايس پي پلس) اسٽيٽس تي نظرثاني وارو ٺهراءُ به منظور ڪري ڇڏيو آهي. 30هين اپريل جمعي ڏينهن منظر ٿي هن عمل مطابق، يورپي يونين اهڙو قدم پاڪستان ۾ سول سوسائٽي جي  تنظيمن تي آن لائن ۽ آف لائن وڌندڙ حملن جو سبب ڄاڻائي کنيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن مطابق، يورپي پارليامينٽ جي قرارداد ۾ پاڪستان کان اهو مطالبو به ڪيو ويو آهي ته، اُهو/ پاڪستان ملڪ ۾ مذهبي اقليتن جي خلاف ٿيندڙ متڀيد وارن روين ۽ تشدد جي ” بنا ڪنهن فرق“ جي مذمت ڪري. يورپي يونين جي  پارليامينٽ ڪميشن ۽ يورپي پرڏيهي ايڪشن سروس کان به مطالبو ڪيو آهي ته اُها تازن واقعن جي روشني ۾پاڪستان جَي، جنرلائزڊ سسٽم آف پرفرنز-پلس اسٽيٽس جو فوري طور تي ٻيهر نئين سِري سان جائزو وٺڻ لاءِ غور  ڪري ۽ جائزو وٺي ته ڇا ايترا مناسب ڪارڻ آهن جو جِي ايس پلس اسٽيٽس ۽ ان ذريعي ملندڙ فائدا عارضي طور تي معطل يا ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪري سگهجي، ان حوالي سان جلد کان جلد پارليامينٽ کي آگاهي ڏني وڃي. جنرلائزڊ سسٽم آف پرفرنز-پلس اسٽيٽس هجڻ سان پاڪستان کي يورپي يونين جي 27 ميمبر رياستن ۾ ڊيوٽي فري پهچ حاصل ڪري سگهڻ واري سهولت حاصل آهي. يورپي يونين لاءِ پاڪستان جي ايڪسپورٽ جنرلائزڊ سسٽم آف پرفرنز-پلس اسٽيٽس کان اڳ 2013 4 ارب 53 ڪروڙ 80 لک يورو هئو جيڪو 2019 تائين 65 سيڪڙو اضافي سان 7 ارب 49 ڪروڙ 20 لک يوروز ٿي ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا

اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 44پاڪستانين سميت 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا ڪراچي( …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *