ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءچار) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي صوبائي وزير سعيد غني جي اڳواڻي ۾ راجا رزاق بلوچ، ساجد جوکيو، سليم بلوچ، لياقت آسڪاڻي ۽ سلمان عبدالله بلوچ بحريا ٽائون پهتا۔ وفد بحرياٽائون جي سڙيل ملڪيتن جو جائزو ورتو، اسٽيٽ ايجنٽن سان ملاقات ڪري تفصيل معلوم ڪيا۔ ان موقعي تي سعيد غني چيو ته بحرياٽائون جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، سنڌ حڪومت متاثرن سان هر طرح جو سهڪار ڪنداسين۔
Check Also
شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي
ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …