Wednesday , April 2 2025

خانگي اسڪولن جي تنظيم، سنڌ حڪومت جو فيصلو ٿڏي ڇڏيو

ڪراچي (چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ خانگي اسڪولن جي تنظيم جي اڳواڻن سنڌ حڪومت پاران تعليمي ادارا 23آگسٽ بدران 30 آگسٽ تي کولڻ واري اعلان کي ٿڏي ڇڏيو، سومر کان سڄي سنڌ ۾ اسڪول کولڻ جو اعلان.خانگي اسڪولن جي تنظيمن جي اتحاد گرينڊ الائنس آف پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن جي ڪنوينر عليم قريشي ۽ ٻين اڳواڻن پاران جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته، سنڌ حڪومت پاران سنڌ ۾ اسڪول وڌيڪ هفتو بند رکڻ واري فيصلي کي نٿا مڃون. هن چيو ته سنڌ ۾ سمورا خانگي تعليمي ادارا ويڪسين ٿيل اسٽاف سان 23 آگسٽ کان کوليا ويندا، حڪومت رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش نڪري. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت اسڪول کولڻ تي اسان خلاف ڪارروائي ڪئي ته تعليمي ادارا کليل رکنداسين ۽ اسان پاڻ گرفتاري به ڏئي سگهون ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *