سنڌ حڪومت اسپتالن ۾ آپريشنز تي لڳايل پابندي ختم ڪري ڇڏي

ڪراچي ( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ڪرونا جي ڪيسن ۾ واڌ سبب سرڪاري اسپتالن ۾ آپريشنز تي لڳايل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي. صحت کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڪرونا جي وڌندڙ ڪيسز ۽ اسپتالن ۾ مريضن جي وڏي انگ ۾ داخل ٿيڻ سبب وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ ۽ عام مريضن جون حياتيون بچائڻ لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ انتهائي ضروري آپريشنز کانسواءِ ٻين سمورن آپريشنز  تي پابندي لڳائي وئي هئي جيڪا هاڻي ختم ڪئي وئي آهي. اڄ 8 سيپٽمبر 2021کان سڄي سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ معمول موجب هر قسم جا آپريشنز ڪري سگهبا.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *