Tuesday , April 1 2025
Breaking News

سنڌ ۾ برسات جي تباهي کانپوءِ دريائي ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو

فائل فوٽو

سنڌ ۾ سانوڻي جي برسات جي تباهي کانپوءِ ٻوڏ جو به خطرو وڌي ويو، پي ڊي ايم اي سنڌ گڊو ۽ سکر بئراجز وٽ وڏي ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، آبپاشي کاتي پاران بندن جي حفاظت لاءِ هدايتون جاري. سنڌ ۾ جاري سانوڻي جي تباهي کانپوءِ سنڌو درياءَ ۾ به وڏي ٻوڏ جو امڪان وڌي ويو آهي، پي ڊي ايم اي سنڌ الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته،ملڪ جي اترين علائقن سميت ڪي پي ۽ پنجاب ۾ طوفاني برسات کانپوءِ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ مسلسل واڌ ٿيڻ لڳي آهي، جنهن  جي نتيجي ۾ سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، درياءَ ۾ پاڻي جي چاڙهه واري صورتحال ۾ 30هين ۽ 31هين جولاءِ تي وڏي ٻوڏ جو امڪان وڌي ويو آهي. پي ڊي ايم اي سنڌ پاران جاري ڪيل الرٽ موجب تونسا ۽ پنجند وٽ پاڻي وهڪرن ۾ اضافي کانپوءِ امڪان آهي ته 30 جولاءِ تي گڊو بئراج ۽ 31 جولاءِ تي سکر بئراج وٽ وڏي ٻوڏ ٿي ويندي، انڪري لاڳاپيل اختياريون صورتحال کي نظر ۾ رکندي تڪڙا اپاءَ وٺن جيئن ڪنهن به نقصان کان بچي سگهجي.

آبپاشي کاتي پاران سنڌو درياءَ ۾ گڊو بئراج کان ڪوٽڙِ تائين پاڻي جي وهڪرن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، جمعي ڏينهن شام جو جاري ڪيل انگن اکرن مطابق، گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون 3 لک 89 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 75 هزار 300 ڪيوسڪ ٿي ويو، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 38 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانھون وهڪرو 3 لک هڪ هزار ڪيوسڪس رڪارڊ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 22 هزار ڪيوسڪس ٿي ويو آهي.

About admin

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *