Tuesday , March 11 2025

ملير جي زمينن تي قبضن ۽ سيٽلائيٽ ٽائون خلاف احتجاج

ڪراچي (نيوز ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) ميمڻ ڳوٺ ۾ ملير جي زمينن تي قبضن، سيٽلائيٽ ٽائون منصوبي سميت مختلف هائوسنگ پروجيڪٽس خلاف احتجاج. سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس جي سڏ تي ميمڻ ڳوٺ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن سيٽلائيٽ ٽائون، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، سميت ڌارين جي آبادڪاري لاءِ ٺهندڙ مختلف ميگا هائوسنگ منصوبن خلاف نعريبازي ڪئي وئي؛ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي وجاهت حسين ۽ ٻين چيو ته   ملير جي زمينن جي 30 سالن واري ليز بحال ڪئي وڃي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ملير جي زمينن تي ٺھندڙ سيٽلائيٽ ٽائون سميت سمورن سنڌ دشمن منصوبن سان سوين قديمي ڳوٺ، تاريخي ۽ ثقافتي ماڳ تباهه ٿي ويندا.  انڊيجينيس رائيٽس الائنس پاران مطالبو ڪيو ويو ته سيٽلائيٽ ٽائون سميت سمورا ميگا رهائشي منصوبا فوري طور ختم ڪيا وڃن.

About admin

Check Also

چشما جهلم لنڪ ڪئنال وهي رهيو آهي، ڪوٽڙي وٽ شديد کوٽ

سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جو وهڪرو انتهائي درجي تائين گهٽجڻ ان سان گڏ سنڌ ۾ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *