Saturday , December 21 2024

سماجي خدمت جي آڙ ۾ انساني اسمگلنگ، صارم برني گرفتار

صارم برني هڪ ڇوڪريءَ کي10لک رپين ۾ خريد ڪري پرڏيهه اسمگل ڪيو، شروعاتي جاچ ۾ صارم برني پاران ڏوهه جو اعتراف

ڪراچي( ڪرائيم رپورٽر   سنڌسماءَچار) سماجي خدمتن جي آڙ ۾ انساني اسمگلنگ جهڙي ڪُڌي عمل ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ صارم فائونڊيشن جو سربراهه گرفتار، ايف آءِ اي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ڪاروباري شخصيتن کان به جاچ جو فيصلو. جاچ واري وفاقي اداري فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي)، سماجي ادارو هلائڻ جي آڙ ۾  انساني اسمگلنگ جي الزام هيٺ صارم برني کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته انساني اسمگلنگ ڪيس ۾ صارم برني پنهنجي شروعاتي بيان ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، انساني اسمگلنگ جي الزام هيٺ صارم برني جي گهر واريءَ کان به جاچ ڪري سگهي ٿي. صارم برني ويلفيئر ٽرسٽ جي سربراهه صارم برني خلاف انساني اسمگلنگ جي پهرين ايف آءِ آر 26/2024ع ۾ داخل ڪئي وئي. صارم برني تي الزام آهي ته هُو ٻارن کي پاڪستان کان آمريڪا اسمگل ڪرڻ ۾ ملوث آهي.

صارم برني خلاف پهرين ڪيس ۾ حيا نالي نينگري کي آمريڪا اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي، جن ۾ 15 کان وڌيڪ ڇوڪريون به شامل آهن. ايف آءِ اي اختيارين موجب آمريڪي جاچ ادارا به صارم برني جي حوالي سان جاچ ڪري رهيا آهن، صرام برني پاران آمريڪا منتقل ڪيل ٻارن جو رڪارڊ سفارتخاني مان ايف آءِ اي عملدارن کي فراهم ڪيو ويو آهي. اختيارين موجب ٽرسٽ جي دستاويزن ۾ سارم برني جي گهرواري به بيفيشري آهي، سنڌ حڪومت طرفان دستاويزن جي تصديق ٿيڻ بعد صارم برني جي زال عاليه جو نالو به ڪيس ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.

ايف آءِ اي موجب آخري ڀيرو سارم برني حيا نالي ڇوڪري کي آمريڪا موڪليو هو، ان ڇوڪري کي سندس والدين کان 10 لک رپين ۾ خريد ڪيو ويو هو، اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته سارم برني هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي مدد ڪئي هئي، ڇوڪري جي والدين تمام غريب آهن ۽ انهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي اختيارين موجب سارم برني خلاف ٻارن جي اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جا وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويندا. صارم برني کي آمريڪا جي تازي دوري دوران آمريڪي اختيارين جي نگراني ۾ رکيو ويو ۽ ان کان ٻه ڀيرا پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. ايف آءِ اي اختيارين موجب گرفتاري کانپوءِ سارم برني پنهنجي شروعاتي بيان ۾ غلطي جو اعتراف ڪيو آهي.

About admin

Check Also

نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي

ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *