Saturday , December 21 2024

سنڌي صحافي دوستن خاص طور ڪراچي ۽ اسلام آباد جي صحافين ڏانهن !! – اصغر آزاد

سنڌي صحافين خاص طور ڪراچي ۽ اسلام آباد جي صحافين ڏانهن !! – اصغر آزاد

انتهائي ڏک، افسوس ۽ مايوسي سان چوڻو ٿو پوي ته؛ اڄ ڪاوڙ، تڪرار ۽ اختلاف صرف ان ڳالهه تي ٿيندو ته هُن کي انبن جون2، ڦلاڻي کي3، هِن کي4، ڇو ڏنيون؟؟

پر اسان جا صحافي دوست هي سوال نه ڪندا ته؛ چشما جهلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند ذريعي پنجاب سري عام سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، سنڌ حڪومت ڇو خاموش تماشائي بڻيل آهي؟

اهو سوال به ڪير پڇڻ لاءِ تيار نه هوندو ته، پاڻي ٺاهه تحت ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ لڳ ڀڳ 25 سالن کان گهرج مطابق پاڻي ڇو نه پيو ڇڏيو وڃي؟

پريس ڪانفرنس يا سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا ٽاڪ دوران وڏي وزير يا وزيرن کان اهو ڪير به نه پڇندو ته، سڌ جي واهن، شاخن، ڪَڙِيَن/واٽرڪورسن تي جيڪي ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهي پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي اُهي ختم ڪري پاڻي جي انصاف ڀري ورڇ ڪري پڇڙي تائين پاڻي ڇو نه ٿو پهچايو وڃي؟

 

اهو سوال نه ڪيو ويندو ته ساچن سورنهن سالن دوران بجيٽ ۾ گورک هل اسٽيشن لاءِ رکيل فنڊز خرچ ڪرڻ باوجود روڊ به ڍنگ وارو ڇو نه ٺاهي سگهيو آهي؟

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام عرف بينظير پينو پروگرام بدران عورتن کي معاشي طور مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ گهريلو صنعتن، گهريلو ڪاروبار خاص طور چوپايو مال پالڻ ۽ ان مان روزگار جا وسيلا پيدا ڪرڻ لاءِ فنڊز جاري ڇو نه ٿا ڪيا وڃن؟

اهو سوال نه ڪيو ويندو ته؛ هارين ۽ آبادگارن کي زرعي جنسن جو ٻج، زرعي ڀاڻ، زرعي دوائون سَسِتي اگهه تي ئي نه صحيح پر مقرر ڪيل سرڪاري اگهه تي بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي مهيا ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ آبادگارن ۽ هارين کي زرعي جنسن جو سرڪاري اگهه ڇو نه ٿو ڏنو وڃي، سرڪاري سرپرستي ۾ آڙهتين ۽ واپارين کي هر علائقي جي ايم پي ايز، ايم اين ايز، ضلعي ڪائونسلس، تعلقي ۽ يو سيز چيئرمينن جي  معرفت تحفظ ڇو ٿو ڏنو وڃي جيڪي زرعي جنسن جي زخيرا اندوزي ڪري اضافي اگهن تي وڪرو ڪن ٿا پر سرڪار به انهن کان خريد ڪري ٿي؟

آبادگارن ۽ هارين لاءِ زرعي جنسن جي باءِ پروڊڪٽس لاءِ ڇو نه ٿو همٿايو وڃي؟ پلانٽس لڳائڻ لاءِ آسان قسطن تي قرض ڇو نه ٿو ڏنو.

اسان جا صحافي دوست اهو سوال ڇو نه ٿا ڪن ته؛ آئين ۽ قانون مطابق، سنڌ جي گئس سڀ کان پهريان سنڌ جي گهرج پوري ڪرڻ بعد ٻين صوبن کي ڏيڻ تي عمل ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ گئس ۽ تيل ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڇو نه ٿو ڏنو وڃي؟

ان طرح جا کوڙ سا را سوال آهن جيڪي گذريل وڏي عرصي نه ٿا پڇيا وڃن. ان بابت هڪ سينيئر صحافي دوست جو چوڻ آهي ته؛ ”ٻچا پالڻ لاءِ نوڪري به ته ڪرڻي آهي! ان جي هن موقف سان ڪنهن حد تائين متفق آهيان، پر جيڪڏهن سڀ سنڌي صحافي سنڌ جي حقيقي مسئلن تي گڏجي پون ته شايد اهڙي نوبت هڪ ٻن دوستن سان پيش اچي ته اهو رستو روڪڻ جا رستا به کوڙ سارا آهن.

https://www.darodeewar.com/collections

About admin

Check Also

نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي

ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *