پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ19هين جولاءِ تي ڪلفٽن ٽَي تلوار وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻنداسين: لياقت جلباڻي
ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر جا واعدا وفا نه ٿي، سنگرار مان ٽَي سال اڳ اغوا ڪيل نياڻي پرياڪماري بازيب نه ٿي، صوبائي وزير ناصر شاهه، گهرو وزير ضياءَ لنجار، ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه، ايس ايس پي سکر عرفان سمون ڪيترائي ڀيرا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته، پوليس جي جاچ ڪميٽي پرياڪماري جي ويجهو پهچي وئي آهي، کيس جلد بازياب ڪرائي عاشوري جي ڏينهن ڏهين محرم الحرام تائين خوشخبري ڏيندا.
ڊي آءِ جي سکر توڙي ايس ايس پي سکر عرفان سمون جي اهڙن اعلانن بعد پرياڪماري جي وارثن ۽ سنڌ جي عوام کي اميد ٿي هئي ته هن ڀيري سنڌ حڪومت توڙي سکر پوليس ڏهين محرم الحرام تائين ضرور بازياب ڪرائيندي، ڇو ته ٽَي سال اڳ سنگرار مان ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ سبيل پيارڻ دوران ئي اغوا ٿي وئي هئي.
ڏهين محرم تي سکر جي ڌرم شالا ۾ پريا ڪماري جي والد سبيل لڳائي، ۽ نياڻيءَ جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو.
پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪراچي ۾ گذريل ڪيترن ئي هفتن کان لاڳيتو ڪراچي پريس ڪلب سميت مختلف هنڌن تي احتجاج ڪندڙ سماجي اڳواڻن لياقت علي جلباڻي، سهڻي پارس، مظفر علي، ممتاز عباسي ۽ ٻين چيو آهي ته پريا ڪماري جي بازيابي بابت پوليس جا واعدا وفا ناهن ٿيا اهي سکڻا دلاسا ڏئي رهي آهن، پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ19جولاءِ تي ٽَي تلوار ڪلفٽن ڪراچيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.