“ سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير توڙي ٻين نمائندن کي سنڌ حڪومت ۽ حڪومتي پارٽي جي قيادت پاران خاص هدايتون ڏنل هجن ٿيون ته صرف خاناپوريءَ لاءِ ئي ڳالهائڻو آهي، وڌيڪ ڪجهه به ناهي چوڻو:ذريعا”.
وفاقي حڪومت پيپلزپارٽي جي مدد سان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ جو به فيصلو ڪري ورتو، ترميمن لاءِ صدر آصف زرداري جون پ پ جي وڪيلن کي ڊرافٽ جي ياري جون هدايتون
“صدر آصف علي زرداري جون خاص هدايتون آهن ته اهڙن سمورن معاملن جيڪي پنجاب جي مفاد ۾ هجن انهن بابت لاڳاپيل وفاقي فورمن تي ڪنهن به قسم جو سخت موقف ناهي رکڻو، اوهان کي ميڊيا تي جيڪو به ڳالهائڻو آهي ڳالهائي سگهو ٿا”.
ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) پنجاب جو ارسا جي مدد سان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو جاري، سنڌ حڪومت صدر آصف زرداري جي هدايتن تي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي، چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند ڪئنال ذريعي سنڌو درياءَ مان مجموعي طور 25 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي وهائڻ لڳو. پنجاب پاران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي بابت آبپاشي کاتي سنڌ جي هڪ ذميوار آفيسر سنڌسماءَچار کي ٻڌايو آهي ته، “پنجاب وڏي عرصي کان ٻن فلڊ ڪئنالن، سِي جَي ڪئنال ۽ تونسا پنجند ڪئنال ذريعي مسلسل پاڻي کڻي رهيو آهيو، جنهن خلاف ارسا جي اجلاسن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي پاڻي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽين جي اجلاسن ۾ سنڌ جا نمائندا خانا پوريءَ لاءِ احتجاج ڪندا آهن”. هن ٻڌايو ته، “ سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير توڙي ٻين نمائندن کي سنڌ حڪومت ۽ حڪومتي پارٽي جي قيادت پاران خاص هدايتون ڏنل هجن ٿيون ته صرف خاناپوريءَ لاءِ ئي ڳالهائڻو آهي، وڌيڪ ڪجهه به ناهي چوڻو”.
ان سلسلي ۾ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي بابت پيپلزپارٽيءَ جي هڪ اهم اڳواڻ، نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي فون تي ٻڌايو ته، “صدر آصف علي زرداري جون خاص هدايتون آهن ته اهڙن سمورن معاملن جيڪي پنجاب جي مفاد ۾ هجن انهن بابت لاڳاپيل وفاقي فورمن تي ڪنهن به قسم جو سخت موقف ناهي رکڻو، اوهان کي ميڊيا تي جيڪو به ڳالهائڻو آهي ڳالهائي سگهو ٿا”.
هن ان سلسلي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته، “ پاڻي جي معاملي تي قومي اسيمبلي جي پاڻي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سردار خالد مگسيءَ جي صدارت هيٺ ٿيل گذريل اجلاس ۾ به پنجاب پاران سي جي لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند ڪئنال ذريعي پاڻي کڻڻ بابت رکيل ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، سنڌ جي نمائندي پاڻي کڻڻ واري معاملي تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اجلاس ۾ موجود واپڊا چيئرمين ۽ پنجاب جي نمائندي چيو ته انهن ڪئانالن ذريعي پنجاب پاڻي کڻندو رهندو، اهو وهڪرو اڃا وڌائي به سگهجي ٿو، هن وقت سي جي ۽ تچونسا ڪئنالن ذريعي 25 هزار ڪيوسڪ پاڻي پنجاب کڻي رهيو آهي، ان ۾ ڪا به گهٽتائي نه ٿيندي، پاڻي جو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آهي، جيستائين ان ۾ فيصلو نه ٿو ٿئي ايستائين ان معاملي تي ڳالهائڻ فضول آهي”.