ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) ڪراچي ڏکڻ ضلعو ڏوهارين جي ور چڙهي ويو، پوش علائقي ڊفينس خيابانِ نشاط ۾ فائرنگ، بلوچ قومپرست اڳواڻ شهيد اڪبر بگٽيءَ جي انتهائي ويجهو رهندڙ پوٽي سميت پنج ڄڻا مارجي ويا، جهيڙو علي حيدر بگٽي ۽ فهد بگٽي جي ڌرين ۾ ٿيو، جناح اسپتال ۾ هنگامي صورتحال لاڳو، علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جهيڙي دوران فائرنگ کان اڳ پوليس کي اطلاع ڪيو پر وقت تي نه پهتي.
تفصيلي خبر موجب ڪراچي ضلعي ڏکڻ ۾ بدامني سموري شهر ۾ ماڻهن کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي جي مصروف ترين ڪمرشل علائقي خيابان نشاط ۾ نواب اڪبر بگٽي جي انتهائي ويجهو رهندڙ ۽ سندس اعتماد جوڳي سندس ڀائٽيي فهد احمد نواز خان بگٽي ۽ سندس مائٽن ۾ ڪنهن ڳالهه تان تڪرار ٿي پيو، ٻنهي ڌرين جا ماڻهو هٿيارن سميت پهچڻ لڳا ته علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڪيو، پر پوليس وقت تي نه پهچڻ ڪري ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي ۽ ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ شروع ڪري ڏني. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ شهيد بلوچ قومپرست اڳواڻ اڪبر بگٽي جو پوٽو فهد احمد نواز بگٽي، مير علي حيدر بگٽي، مير ميثم بگٽي، نصيب الله بگٽي ڄڻا مارجي ويا، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس جي نه پهچڻ ۽ ڌرين ۾ فائرنگ جاري هجڻ ڪري هڪ زخمي اُتي ئي تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو. پوليس ۽ ريسڪيو رضاڪارن پهچي مارجي ويل پنج ڄڻن جا لاش ۽ 6 زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
ڊجيٽل آدمشاري، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي والار خلاف ايس يو پي اي پي سي سڏائي ورتي