Saturday , December 21 2024

وڏي وزير مراد علي شاهه کي گرين پاڪستان انيشيٽو سميت اهم منصوبن تي عمل جي هدايت

وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ حڪومت جي انتظامن هيٺ ملير ايڪسپريس وي ۽ ڪي فور منصوبن کي فوري طور مڪمل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي سختي سان هدايتون ڪندي فنڊز جو بندوبست ڪرڻ ۽ فنڊ جاري ڪرڻ جون هدايتون ڪري ڇڏيون آهن، جيئن ڊي ايڇ اي سٽي، پي اي ايف رهائشي منصوبن کي ڪي فور ۽ ڪينجهر مان پاڻي مهيا ڪرڻ جي منصوبن تي عمل ڪيو وڃي، ملير ايڪسپريس وي جو جيڪو به رهيل ڪم آهي اهو به جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کنيا پيا وڃن.

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنڌجي وڏي وزير مراد علي شاهه جِي، ڪراچي جي دوري تي آيل ملڪ جي اهم شخصيت سان ملاقات، کيس گرين پاڪستان انيشيوٽو منصوبي ۽ سامونڊي پٽيءَ تي ڊي ايڇ اي کي زمين ڏيڻ سميت اهم ادارن سان لاڳاپيل منصوبن تي فوري طور عمل ڪرڻ لاءِ منصوبن بابت صوبي جون لاڳاپيل سموريون گهرجون پوريون ڪرڻ جي هدايت. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق ڇويهين ۽ ستاويهين سيپٽمبر تي ڪراچي جي دوري تي آيل اهم شخصيت جي ڪراچي جي دوري دوران وڏي وزير مراد علي شاهه جي ساڻس ملاقات ٿي، ملاقات دوران وفاقي ادارن سان لاڳاپيل اهم شخصيتون به شامل هيون. ان سلسلي ۾ ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، اهم شخصيتن ملاقات دوران وڏي وزير کي سختيءَ سان هدايت ڪئي آهي ته، گرين پاڪستان انيشيٽِوِ منصوبي تحت صوبائي حڪومت سان لاڳاپيل جيڪي به ڪم آهن، انهن کي فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي، ان ۾ سياسي، انتظامي ۽ ٻين سمورين رنڊڪن کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي جيڪي به قدم کڻڻا آهن کڻي پر گرين انيشيٽو منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن. مليل ڄاڻ مطابق وڏي وزير کي اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته، سنڌ جي هاڪس بي واري علائقي ۾ 600هزار ايڪڙ زمين، سي ويو تي سمنڊ مان نڪتل سموري زمين ڊي ايڇ اي حوالي ڪرڻ ۾ پيش ايندڙرنڊڪون ختم ڪيون وڃين، ذريعن دعويٰ  ڪئي آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه کي سختي سان هيادت ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل مسئلن ۾ عدالتي معاملن سميت پيش آيل سموريون رنڊڪون ختم ڪرائڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ انهن کي ڪنهن به صورت ۾ ختم ڪيو وڃي.

ان سلسلي ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته، وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ حڪومت جي انتظامن هيٺ ملير ايڪسپريس وي ۽ ڪي فور منصوبن کي فوري طور مڪمل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي سختي سان هدايتون ڪندي فنڊز جو بندوبست ڪرڻ ۽ فنڊ جاري ڪرڻ جون هدايتون ڪري ڇڏيون آهن، جيئن ڊي ايڇ اي سٽي، پي اي ايف رهائشي منصوبن کي ڪي فور ۽ ڪينجهر مان پاڻي مهيا ڪرڻ جي منصوبن تي عمل ڪيو وڃي، ملير ايڪسپريس وي جو جيڪو به رهيل ڪم آهي اهو به جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کنيا پيا وڃن.

About admin

Check Also

سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري

سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *