Friday , January 17 2025

سنڌ جي ڪهڙن ايم پي ايز ٽئڪس ۽ ملڪيتن جا تفصل جمع نه ڪرايو، ميمبرشپ معطل

سنڌ جي ڪهڙن ايم پي ايز ٽئڪس ۽ ملڪيتن جا تفصل جمع نه ڪرايو، ميمبرشپ معطل

اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن ٽئڪس ۽ ملڪيتن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي سنڌ اسيمبلي پندرنهن جي ايم پي ايز سردار محمد بخش مهر، ساجد ٻانڀڻ، شيراز شوڪت راڄپر سميت 15 ايم پي ايز جي اسيمبلي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي، تفيصل جمع ڪرائڻ تائين اسيمبلي جي اجلاس ۾ به شرڪت نه ڪري سگهندا. ٽئڪسز ۽ ملڪيتن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن پارليامينٽيرينز خلاف ڪارروائي ڪندي سندن ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي آهي، اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ۽ صوبائي وزير محمد بخش مهر، ايم پي اي ساجد ٻانڀڻ، شيراز شوڪت راڄپر جي ايم پي اي شپ معطل ڪري ڇڏي آهي، ٽئڪس گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ جماعت اسلامي جي حافظ نعيم الرحمان، اڪرام الله ڌاريجو، محمد راشد شاهه، هري رام،تيمور ٽالپر ۽ ريحان راجپوت جي ميمبرشپ معطل ڪئي وئي آهي. اليڪشڻ ڪميشن اعجاز خان، محمد سليم ۽ علي احمد، مخصوص سيٽن تي آيل حنا دستگير، خيرالنساءِ ۽ شام سندر جي به ميمبرشپ معطل ڪئي وئي آهي.

About admin

Check Also

سنڌ حڪومت گرين پاڪستان پروگرام لاءِ زمينون الاٽ ڪرڻ تي عمل تيز

گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام لاءِ سنڌ ۾ زمينن جي الاٽمينٽ ڪم تيزيءَ سان جاري، سنڌ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *