سنڌ جي سياسي، سماجي تنظيمن، پاڻي ماهرن، سنڌ جي عوام ۽ ارسا ۾ سنڌ حڪومت جي نمائندي جي سخت مخالفت باوجود ارسا جي سيڪريٽري هڪ سال اڳ پاڻي جي جهَجهي مقدار ۾ موجود هجڻ جو جاري ڪيل سرٽيفڪيش منظر تي اچي ويو آهي، ارسا جي منظوري ۽ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيل سرٽيفڪٽ سان گڏ پنجاب کي چولستان ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت به ڏئي ڇڏي
اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌ جي سياسي، سماجي تنظيمن، پاڻي ماهرن، سنڌ جي عوام ۽ ارسا ۾ سنڌ حڪومت جي نمائندي جي سخت مخالفت باوجود ارسا جي سيڪريٽري هڪ سال اڳ پاڻي جي جهَجهي مقدار ۾ موجود هجڻ جو جاري ڪيل سرٽيفڪيش منظر تي اچي ويو آهي، ارسا جي منظوري ۽ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيل سرٽيفڪٽ سان گڏ پنجاب کي چولستان ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت به ڏئي ڇڏي آهي، ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي احسان لغاري جو اعتراضي نوٽ به شامل.
ارسا جي سيڪريٽري خالد ادريس رانا سنڌ درياءَ مان تڪراري رٿا چولستان ڪئنال ڪڍڻ لاءِ درياءَ ۾ پاڻي جي جهجهي مقدار ۾ موجودگي جوهڪ سال اڳ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ سان گڏ چولستان ڪئنال منصوبو شروع ڪرڻ جي اجازت پڻ ڏني وئي آهي. هڪ سال اڳ 25/پنجويهين جنوري 2024 تي سيڪريٽري ارسا خالد حيدر رانا جو اهنڙو سرٽيفڪيٽ منظر تي اچي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته ارسا جي هڙي سرٽيفڪيٽ ۽ چولستان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏيڻ بعد پنجاب حڪومت چولستان ڪئنال جي منصوبي ته خاموشيءَ سان هڪ سال اڳ ئي ڪم شروع ڪري ڇڏيو هو. پنجاب حڪومت ستلج سليمان ندي جي هيڊ ورڪس مان چولستان ڪئنال ڪڍيو پيو وڃي. ارسا جي سرٽيفڪيٽ ۾ چيو ويو آهي ته درياءَ ۾ ساڍا چار لک ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي دستياب هوندو، انڪري پاڻي هجڻ ڪري چولستان ڪئنال ڪڍيو وڃي.
ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آحي ته ارسا ۾ سنڌ ميمبر احسان لغاري فيصلي تي اختلافي نوٽ لکي ڇڏيو آهي. جنهن ۾ ارسا جي ميمبر احسان لغاري چيو آهي ته، هو سيڪريٽري خالد حيدر رانا جي موقف سان سهمت ناهي، سيڪريٽري ارسا جو پنجاب حڪومت کي پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ سنڌ سان ناانصافي آهي. ميمبر ارسا سنڌ وڌيڪ چيو ته چولستان منصوبي کي پاڻي فراهم ڪرڻ سان سنڌو درياءَ ۾ پاڻي گهٽ ٿيندو، سيڪريٽري ارسا ٻڌايو ته پاڻي جي دستيابي رڳو ستلج ندي مان آهي، ان ۾ به سنڌ جو حصو آهي، سيڪريٽري ارسا جو سرٽيفڪيٽ ۾ پاڻي جي موجودگي وارو موقف حقيقتن جي بلڪل ابتڙ آهي.ڍ