ڪراچي( چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کان مسلسل انڪار ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪئنالن خلاف احتجاج جو اعوان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کان مسلسل انڪار ڪندڙ، منصوبي جي منظوري ڏيندڙ صدر آصف علي زرداري جي وفاقي حڪومت جي اتحادي جماعت ۽ سنڌ ۾ 18 ورهين کان حڪومت ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي نيٺ ڪئنالن جي منصوبي ۽ ان تي ڪم ٿيڻ جو اعتراف ڪندي انهن خلاف 25 مارچ تي سموري سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته، سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي ۽ ڪئنال جو ڪم روڪرائڻ لاءِ پ پ پ احتجاجي تحريڪ شروع ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڪئنالن واري منصوبي خلاف 25هين مارچ اڱاري ڏينهن سموري سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.