Tuesday , April 1 2025
Breaking News

سنڌ ۾ پاڻي بحران خطرناڪ حد تائين پهچي ويو، انسان ۽ جانور پريشان

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ پاڻيءَ جو بحران انتهائي خرناڪ حد تائين پهچي ويو آهي، زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو خطرو، پئداوار60سيڪڙو تائين گهٽجڻ جو امڪان. سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جي نتيجي ۾ سنڌ اندر زراعت لاءِ پاڻ اڻلڀ ٿيندو پيو وڃي، پاڻي جي کوٽ جي نتيجي ۾  زراعت ته بحران کي منهن ڏئي رهي آهي، پر هاڻ انسانن سان گڏ جانور به پاڻيءَ لاءِ پريشان آهن.

آٻپاشي کاتي جي ذريعن، ٺٽي، بدين ۽ سجاول جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب سامونڊي پٽيءَ ۾ انسانن ۽ جانورن جي پيئڻ جي پاڻي جو به بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو زور وٺڻ وارو آهي. ڊائون اسٽريم ۾ زراعت لاءِ پاڻي نه هجڻ برابر آهي انڪري زمينون به پاڻي نه ملڻ سبب سڪي ٺوُٺُ ٿي ويون آهن.

دريائي پاڻي جي کوٽ جي نتيجي ۾ سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ جتي جر جي پاڻي ۾ اڳ ۾ ئي زهريلو مادو سينکيو وڌي وڃڻ سبب پاڻي پيئڻ جي لائق نه رهيو آهي، اتي جَرُ به تيزيءَ سان هيٺ ٿيڻ سان گڏ کارو ٿي رهيو آهي، جنهن  جي ڪري ايندڙ ڪجهه وقت ۾ پيئڻ جي پاڻي جا مسئلا به جن وٺي سگهن ٿا. واهن ۽ شاخن ۾ واري اڏامڻ لڳي، ٺٽي جو کاروڇاڻ، سڄڻ واري، ڪيٽي بندر ۽ ڀرپاسي ۾ ويراني جا منظر، مٺو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب تمر جا ٻيلا به تباهه ٿي ويا، ڪيٽي بندر، ميرپور ساڪرو ۽ گهوڙا ٻاري جي 52 ديهن جي سوا 2 لک ايڪڙ زرخيز زمين سمنڊ جَي ور چڙهي وئي، سامونڊي پٽي جي 50 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين سمنڊ ڳڙڪائڻ لڳو آهي.

About admin

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *