Sunday , April 13 2025

لاهور-ساهيوال-بهاولنگر موٽروي تڪراري ڪنالن جو حصو هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت جو سنڌ مٿان هڪ ٻيو وار، لاهور-ساهيوال-بهاولنگر موٽر وي به تڪراري ڪئنالز واري رٿا جو حصو نڪتو، حيدرآباد- سکر موٽروي منصوبو به تڪراري ڪئنالن تان گهورجي ويو. وفاقي حڪومت جي سنڌ دشمني ۽ اُرهه زورايون چوٽ چڙهي ويون، سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي لاءِ حيدرآباد-سکر موٽروي منصوبو به گهورجي ويو، لاهور-ساهيوال-بهاولنگر موٽر وي به تڪراري ڪئنالز واري رٿا جو حصو هئڻ جو انڪشاف، وفاقي حڪومت پاران سکر-حيدرآباد موٽر وي لاءِ پئسا نه رکڻ ۽ لاهور-ساهيوال-بهاولنگر موٽر وي ٺاهڻ جا اصل ڪارڻ منظر تي اچي ويا، سينيٽ جي رٿابندي واري وزارت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ سنڌ بدران رڳو پنجاب ۾ موٽر ويز ٺاهڻ تي پ پ ميمبرن پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. سينيٽ جي استينڊنگ ڪميٽي سکر-حيدرآباد موٽروي کي ترجيح نه ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ڪميٽي چيئرپرسن قرت العين مري نيشنل هاءِ وي اٿارٽيءَ کي ختم ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. چيئرپرسن قرت العين مري چيو ته سکر-حيدرآباد موٽر وي لاءِ پئسا نه آهن ته لاهور-ساهيوال موٽر وي تي پئسا ڪئين خرچ ڪري رهيا آهيو؟، پيپلزپارٽي سينيٽر سيف الله ڌاريجو اجلاس کانپوءِ ٻڌايو ته لاهور-ساهيوال-بهاولنگر موٽر وي ۽ چولستان ڪئنال منصوبو هڪٻئي سان جُڙيل آهن، هن چيو ته ان موٽروي کي فورٽ عباس تائين وڌايو ويندو، هنن جو مقصد آهي ته چولستان منصوبي ۾ ارب پتي ماڻهن کي زمينون ڏيون، انهن کي ان منصوبي ۽ اتي سندن زمينن تائين پهچڻ لاءِ کين موٽروي ذريعي جديد ٽرانسپورٽ نظام ۽ ٻيا رستا ٺاهي ڏيون. ڄام سيف الله ڌاريجو چيو ته اسان جا دوست جڳاڙي ڪم ڪرڻ چاهين ٿا، هنن جو مقصد آهي ته ڪئنالن جا ٺيڪا ڏئي 5 پئسا ڪمايون، چولستان کي آباد ڪرڻ واري رٿا ڀارت ۾ به ناڪام ٿي، هتي به ائين ئي ٿيندو.

ڪئنال سمورا نامنظور، جسقم 20 اپريل تي عام هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو

About admin

Check Also

سنڌوءَ تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف تحريڪ ۾ ڏينهون ڏينهن تيز، سنڌ سراپا احتجاج

سنڌو درياءَ تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زمينن تي والار خلاف سنڌ ۾ ڪيترن ئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *