ٻٻرلوءِ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وڪيلن ڪئنالن جو منصوبو رد ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڌرڻي واري هنڌ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيل اڳواڻ ۽ ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ چيو آهي ته پاڻي سنڌ جي زندگي ۽ موت جون مسئلو آهي، اسان کي ڪا به تڪڙ ناهي ڀلي 10 مهينا لڳي وڃن، پر جيستائين سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو مڪمل طور ۽ هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جو اعلان نه ڪيو ويندوايستائين اسان جو ڌرڻو جاري رهندو، اسان کي ڊيڄارڻ لاءِ ليٽر ڏنو ويو هو ته ڌرڻو نه هڻو، ماڪو ٿيندو، اسان ڊڄڻ وارن مان ناهيون.
سندس چوڻ هو ته ڪئنالن خلاف اسان ڪيترن ئي مهينن کان پرامن جدووجهد ڪري رهيا هئاسين، ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ وڪيل برادري، سياسي، سماجي تنظيمون، ڊاڪٽر، شاگرد، آبادگار توڙي عام ماڻهو ڪيترن ئي مهينن کان رستن تي آهن پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چُري، پر هنن کي ياد رکڻ گهرجي ته، سياسي پارٽيون، سنڌ جو عوام ۽ وڪيلن سميت هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو سنڌو درياءَ تي ڌاڙي، زمينن تي قبضن خلاف پنهنجي پرامن جدوجهد ايستائين جاري رکندو جيستائين اهي سنڌ دشمن منصوبا ختم نه ڪيا ويندا. هن چيو ته اسان جا بنيادي چار مطالبا آهن، ڪئنمال منصوبو ختم ڪيو، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي والار ختم ڪئي وڃي، ڇويهين آئيني ترميم ۽ پيڪا ايڪٽ ختم ڪيو وڃي، عامر وڙائچ چيو ته جيڪڏهن ڪئنالن وارو منصوبو اڄ ختم ڪيو وڃي ته اسان ڌرڻو ختم ڪنداسين نه ته تڪڙ ناهي ڏهن مهينن تائين به ڌرڻو جاري رکنداسين.