سنڌ حڪومت جِي اهم ذميوار زال مڙس جي گهر ۾ ٽَي ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جو ڌاڙو

ڌاڙي واري رقم جي مجموعي ماليت ٽَي ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، پر رڪارڊ/ ايف آءِ آر ۾ گهٽ ڏيکاري وئي آهي، جنهن جو ڪارڻ متاثر گهر ڌڻي ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهن: پوليس ذريعا.
ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنڌ خاص طور راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ امن امان بهتر هجڻ جي دعويدار سنڌ حڪومت جي اهم ذميوار زال مڙس جي گهر مان ڏينهن ڏٺي جو ڪروڙين رپين جو ڌاڙو، ڌاڙيل آسان سان ڌاڙو هڻي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب. سنڌ حڪومت جي ترجمان سيده اقربا ۽ ايس ايس پي توحيد الرحمان ميمڻ جي ڪراچي جي پوش علائقي درخشان ٿاڻي جي حد ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ۾ واقع گهر مان هٿياربندَ ڇنڇر ڏينهن منجهند جو گهر مان ڪروڙين رپين جي ماليت جو ڌاڙو هڻي فرار ٿي ويا، سنڌ حڪومتگ جي ترجمان سيده اقربا ۽ ايس ايس پي توحيد الرحمان جي گهر مان ڌاڙي واري خبرسنڌ حڪومت خاص طوور تي سنڌ پوليس ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ پوليس ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، سيده اقربا ۽ ايس ايس پي توحيد الرحمان ميمڻ جي گهر مان ڌاڙيل ٽَي ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جو ڌاڙو هڻي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب ڌاڙيل سنڌ حڪومت جي ترجمان سيده اقربا ۽ ايس ايس پي توحيد الرحمان ميمڻ جي گهر مان هٿياربند گهر ڌڻين کي يرغمال بڻائي 90 لک رپين جي ماليت جي ڊالرز، لڳڀ هڪ ڪروڙ رپين جي ماليت جا سونا زيور، قيمتي موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ڦورو گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي ڌاڙو هڻڻ کانپوءِ آساني سان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڌاڙي واري واقعي جو اطلاع ملڻ درخشان پوليس سميت لاڳاپيل عملدارن ترجمان سنڌ حڪومت سيده اقربا ۽ سندس مڙس ايس ايس پي توحيد الرحمان جي گهر پهچي واقعي واري هنڌ/گهر جو معائنو ڪيو. پوليس موجب ڌاڙي وري واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪري ڦورن جي گرفتاري لاءِ خصوصي ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جنهن لاءِ علائقي ۾ جتي جتي سي سي ٽي ڪئميرائون لڳل آهن انهن جا فٽيجز به هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي پوليس ذريعن وٽان مليل ڄاڻ مطابق، ڌاڙي واري رقم جي مجموعي ماليت ٽَي ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، پر رڪارڊ/ ايف آءِ آر ۾ گهٽ ڏيکاري وئي آهي، جنهن جو ڪارڻ متاثر گهر ڌڻي ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهن.
سنڌسماءَچار