ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) سنڌ ڪابينا اڱاري ڏينهن پي اَي ايف کي زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏيندي، لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي قانوني گهرجون مڪمل ڪري ڇڏيون. وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جو اجلاس 23هين سيپٽمبر اڱاري ڏينهن سڏائي ورتو آهي، اجلاس لاءِ 39 نڪتن تي مشتمل ايجنڊا به تيار ڪئي وئي آهي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ پي اي ايف کي 35 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي، جنهن لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي روينيو کاتي ۽ لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن، ان کانسواءِ ڪابينا جي اجلاس ۾ سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه دوران بندن جي حفاظت، ڪچي مان ماڻهن جي منتقلي سميت 39 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪري منظوري ۽ فيصلا ڪيا ويندا.
اردو ميڊيا ۽ ايم ڪيو ايم کانپوءِ ڊي آءِ جي يونس چانڊيو” انٽيرر سنڌ“، لکڻ شروع ڪري ڇڏيو
سنڌسماءَچار