مريم نواز جي ” اسان جو پاڻي، اسان جا پئسا، اسان جي مرضي“ واري بيان تي سينيٽ ۾ گوڙ

 

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي بيان، ” اسان جو پاڻي، اسان جا پيسا، اسان جي مرضي، اوهان کي ڪهڙي تڪليف ٿي رهي آهي“، تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي جو احتجاج، مريم نواز جي معافي وٺڻ تائين ڪنهن به قانونسازي جو حصو نه بڻجڻ جو اعلان، حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، مريم نواز جي بيان تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبرز سخت احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي پيپلزپارٽي ايم اين اي نويد قمر چيو ته پنجاب ۾ پهريون ڀيرو ٻوڏ آئي، سنڌ سدائين ٻوڏ کي منهن ڏنو آهي، اسان جي تجويزن کي تنقيد ڇو ٿو سمجهيو وڃي؟، اسان جو پاڻي اسان جا پيسا ٻڌي افسوس ٿيو آهي، انڊس پاڪستان جي لائيف لائين آهي، انڊس آهي ته پاڪستان آهي.

موجوده حالتن ۾ حڪومتي بينچز تي ويهڻ مشڪل ٿي ويندو، شازيه مري چيو ته پنجاب مان اهڙي قسم جا بيان ايندا رهيا ته هو حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو سوچي سگهن ٿا، پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ نفرت کي نه پکيڙيو، سينيٽ ۾ ڳالهائيندي پ پ سينيٽر ضمير گهمرو چيو آهي ته مريم نواز جو پاڻي بابت بيان وفاق خلاف آهي، سڀاڻي ڪو ٻيو صوبو به چوندو ته اسان جو پيٽرول اسان جي مرضي، اسان جي ڪڻڪ اسان جي مرضي، پنجاب جَي ٻوڏ متاثرن کي بي آءِ ايس پي ذريعي رليف ڏنو وڃي. ضمير گهمرو جو چوڻ هو ته هُو پاڻي جي ڳالهه ڪن ٿا ته پوءِ پيٽرول اسان جو آهي، ڇا اهو بند ڪيون، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پنهنجي بيان تي معافي ناهي ورتي، جيستائين مريم نواز معافي نه ٿي وٺي اسان قانونسازي ۾ حصو نه وٺنداسين، ڪئنالن واري معاملي تي ٻٻرلو ۾ ڌرڻو لڳو ته سڄو ملڪ بند ٿي ويو هو.

About admin

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *