وفاق جو سنڌ جي پاڻي تي مڪمل قبضو ڪرڻ جون تياريون، ” نيشنل رِوَر اٿارٽي“ قائم ڪرڻ تي غور

 

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت سنڌ جي پاڻيءَ تي مڪمل قبضو ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون، پاڻيءَ جي ورڇ سميت ان سان لاڳاپيل معاملا سنڀالڻ لاءِ ” نيشنل رِوَر اٿارٽي“ قائم ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي منظوري کانسواءِ تجويزون ارسا ۾ پيش ڪيون ويون. وفاقي حڪومت، نيشنل رِوَر اٿارٽي قائم ڪرڻ جي تجويز ارسا ۾ پيش ڪري ڇڏي، ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي احسان لغاريءَ جو چوڻ آهي ته، سنڌ حڪومت ” نيشنل رِوَر اٿارٽي“ قائم ڪرڻ واري تجويز کي رد ڪري ٿي،  نيشنل رِور اٿارٽي قائم ڪرڻ 18هين ترميم خلاف هوندو، احسان لغاري جو چوڻ آهي ته ” نيشنل رِوَر اٿارٽي“ قائم ڪرڻ جي تجويز وزيراعظم کي مشورو ڏيڻ بعد سڌيءَ ريت پلاننگ ڪميشن ۽ ارسا کي اماڻي وئي آهي، جيڪو عمل آئين خاص طور ارڙهين ترميم جي مڪمل ٽڪراءَ ۾ اچي ٿو. هن چيو ته اسان پنهنجي راءِ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جي آبپاشي کاتي کي اماڻي ڇڏي آهي، پاڻي مڪمل طور صوبائي اختيار آهي، وفاق هڪ طرفي اٿارٽي قائم نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته  سي آءِ کي باءِ پاس ڪري اٿارٽي قائم ڪرڻ آئيني ۽ سياسي خلاف ورزي هوندي. ارسا  ۾ سنڌ جي نمائندي احسان لغاري جو چوڻ آهي ته 1991وارو پاڻي ٺاهه ۽ ارسا مڪمل قانوني فريم ورڪ مهيا ڪري ٿو.

 

وفاق سنڌ جي معدني وسيلن ۽ بندرگاهه تي قبضو ڪري ويٺو آهي: سيد زين شاهه

About admin

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *