آءِ بي اي سکر – ايس ٽي ايس بااعتماد ادارا، خدشا ۽ مختصر صلاح-اصغر آزاد

آءِ بي اي جي ٽيسٽنگ سروس به ته هڪ بهترين ادارو ٿي سامهون آيو آهي، ان تي سنڌ جو نوجوان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان وڌيڪ اعتماد ڪري ٿو، هر مڪتبه فڪر، هر عمر ۽ هر طبقي جو ماڻهو بنا ڪنهن فرق جي ايس ٽي ايس جي ڪارڪردگي تي ڀرپور اعتماد ڪري ٿو، اهو ادارو به ته آءِ بي اي جو ماتحت ادارو آهي، پوءِ اوهان آءِ بي اي جي مستقبل بابت مايوسي جواظهار ڇو ٿا ڪيو؟.
سموري سنڌ جو يقين آهي ته مرحوم نثار صديقي جي ذاتي ڪوششن ۽ ايمانداريءَ جي بنياد تي قائم ڪيل آءِ بي اي سکر سنڌ جو هڪ بهترين ۽ ميرٽ جي پاسداري رکندڙ ادارو آهي، ڪجهه ٿوري وقت ۾ ميرٽ ۽ تعليمي معيار کي دنيا ۾ مڃرايو آهي.
آءِ بي اي جي پنج اڳوڻن شاگردن جن مان ٻه جيڪي انتهائي غريب والدين جو محنتي اولاد ۽ آءِ بي اي سکر ۾ ميرٽ تي اسڪالرشپ تي پڙهي هن وقت سٺن ادارن سٺن عهدن تي موجود آهن، (سندن خواهش تي نالا نه ٿو لکان) انهن جو چوڻ آهي ته، ” بابا نثار صديقي جي لاڏاڻي کانپوءِ سموري سنڌ ڏک ۾ ورتل هئي، اداري جي مستقبل لاءِ پريشان هئي ته ساڳئي وقت هنن کي اميد هئي ته صديقي صاحب جي ٽيم پنهنجو ۽ اداري جو اميج نه رڳو برقرار رکندي پر ان کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ وسان ڪونه گهٽائيندي. هنن نوجوانن اداسگي ۾ چيو ته آهستي آهستي مايوسي ٿي رهي آهي”.
مون چيو، ” آءِ بي اي جي ٽيسٽنگ سروس به ته هڪ بهترين ادارو ٿي سامهون آيو آهي، ان تي سنڌ جو نوجوان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان وڌيڪ اعتماد ڪري ٿو، هر مڪتبه فڪر، هر عمر ۽ هر طبقي جو ماڻهو بنا ڪنهن فرق جي ايس ٽي ايس جي ڪارڪردگي تي ڀرپور اعتماد ڪري ٿو، اهو ادارو به ته آءِ بي اي جو ماتحت ادارو آهي، پوءِ اوهان آءِ بي اي جي مستقبل بابت مايوسي جواظهار ڇو ٿا ڪيو؟.
هڪ نوجوان چيو، ” اهو ئي ته مسئلو آهي، ايس ٽي ايس به هڪ اداري جي حيثيت سان سامهون آيو آهي، پر آءِ بي اي جي قيمت تي اهو ڪيئن قبول ڪيون ته آءِ بي اي پنهنجو معيار برقرار نه رکي، ايس ٽي ايس پنهنجو روينيو/ بجيٽ پاڻ جنريٽ ڪري نه رڳو پنهنجا خرچ پورا ڪري ٿو پر ان کي بچت به ٿي رهي آهي، جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي. ڇا ان قيمت تي اسان آءِ بي اي کي مُٺ مان واريءَ جيان نڪرندي ڏسندا رهون، نه هرگز نه اسان ڪجهه ڪري ته نه ٿا سگهون پر سوچي ۽ ان کي بچائڻ لاءِ سوچي ته سگهون ٿا، اسان لاءِ بايولاجيڪل ماءُ پيءُ کانپوءِ اسان جو والد بابا نثار صديقي صاحب هو/آهي، آءِ بي اي اسان جو گهر، اتي پڙهندڙ ۽ پڙهائيندڙ توڙي ايڊمنسٽريشن هڪ گهر جا ڀاتي آهيون. آءِ بي اي کي پنهنجو ادارتي معيار ڪيرائڻ بدران اڃا وڌيڪ اوچو ڪرڻو پوندو، انتظاميا کي ڪنهن به قسم جي ڪمپرومائيز کان هٽي ڪري صرف اداري اندر ۽ ٻاهر اداري جي ڪردار تي ڪک به برداشت نه ڪرڻ گهرجي”. مون پڇيو، اوهان ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟، هڪ ٻئي نوجوان چيو، ” صفا سادي ۽ مختصر ڳالهه آهي ته، آءِ بي اي انتظاميا کي گهرجي ته ايس ٽي ايس جا سمورا معاملا الڳ ٿلڳ رکڻ گهرجن، انتظاميا (ڀلي آءِ بي اي مان سليڪٽ ڪئي وڃي يا الڳ رکي وڃي) ڌار هجڻ گهرجي، ايس ٽي ايس لاءِ عمارت به يونيورسٽي جي احاطي مان ٻي هنڌ منتقل ڪيو وڃي، جنهن سان آءِ بي اي جي ٽيم اداري کي وڌيڪ بهتر ڪندي ۽ معيار برقرار رکندي ته ساڳئي وقت ايس ٽي ايس به وڌيڪبهتر نموني سان ڪم ڪري مالي طور به وڌيڪ مستحڪم ٿيندي پر اها آءِ بي اي لاءِ مالي مددگار ثابت ٿيند”.
سنڌسماءَچار
